سامي سڄ وڙاءُ

سامي سڄ وڙاءُ

سامي سڄ وڙاءُ

سامي سڄ وڙاءُ (ناول): هيءُ سنڌ جي نامياري اديب مراد علي مرزا جو شاهه لطيف جي زندگيءَ تي هي پهريون ناول آهي. ناول جو انتساب هن پنهنجن دوستن- محمد ابراهيم جويي، ع. ق. شيخ، شيخ اياز ۽ ممتاز مرزا جي نالي ڪيو آهي.
ناول جو پسمنظر بيان ڪندي ’پيش گفتار‘ ۾ مراد علي مرزا لکي ٿو ته: ”سال 1984ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي تجويز تي مون حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ ٻارن لاءِ هڪ ڪتاب لکيو. ڪتاب لکندي مون کي ائين لڳو ته لطيف جي حياتيءَ کي ناول جو روپ ڏئي سگهجي ٿو. انهن ڏينهين آءٌ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ پروگرام مئنيجر جي عهدي تي فائز هوس. . . . هڪ موقعي تي مون ’سامي سڄ وڙاءُ‘ (ناول) جو پهريون باب لکي ورتو. اهو باب پوءِ . . . ’لطيف ڊائجيسٽ‘ ۾ ڇپيو. ڊائجيسٽ جو ايڊيٽر مرحوم علي احمد بروهي هو. هن کي اهو باب ايترو ته پسند آيو، جو هن هر هر فون ڪري ٻئي باب جي گهر ڪئي. . . . ان وچ ۾ منهنجي بدلي حيدرآباد ۾ ٿي، پوءِ ريڊيو جي نوڪري ڪندي، پنهنجي پسند جو اهو ادبي پورهيو به ڪندو رهيس ۽ پنج ڇهه باب لکي ورتم، جيڪي لطيف ڊائجيسٽ ۾ ڇپيا.“ ان بعد مرزا صاحب ڄاڻايو آهي ته وٽس ايڊيٽر وٽان خطن جو هڪ ٿهو پهتو، جنهن ۾ هڪ پڙهندڙ حڪم ڪڍيو هو ته اهو ناول وڌيڪ ڇپيو ته ليکڪ جو خير نه هوندو، ان ڪري ناول جي ڇپائي بند ڪئي وڃي. اهڙيءَ ريت ناول قسطوار ڇپجڻ بند ٿي ويو. اهو زمانو ضياء الحق جي مارشل لا جو دؤر هو . . . . ضياء جي پڄاڻيءَ بعد مراد علي مرزا صاحب بينظير جي آتم ڪٿا ’پورب ڄائي‘، ’گبريل گارشيا مارڪيز‘ جي ناول ‘One Hundred years of Solitude’ وغيره قسم جا ترجما ڪيا ۽ پوءِ هن نصير مرزا جي زور ڀرڻ تي 2007ع ۾ ناول لکي پورو ڪيو. ناول جو نالو ممتاز مرزا ’سامي سڄ وڙاءُ‘ تجويز ڪيو. ليکڪ لکي ٿو ته ”هن ناول لکڻ وقت آءٌ پنهنجي زماني کان ٽي سؤ سال پوئتي هليو ويندو هوس. مون کي محسوس ٿيندو هو ته ڪا شڪتي هئي، جيڪا منهنجي آڱر جهليو مون کي گس ڏيکاريندي هلي. آءٌ ڇا بيان ڪريان؟ عجيب حيرت ڪدو آهي هي سنسار!“
هن ناول تي ’چند ويچار‘، نامور ليکڪا ۽ ناول نگار ريٽا شهاڻيءَ لکيا آهن. هوءَ لکي ٿي ته:
”مون کي ڄاڻ آهي، ڪنهن به ليکڪ شاهه جي شخصي جيون کي کڻي، هن طرح افسانوي روپ ڏيئي ناول نه لکيو آهي. مراد علي مرزا واقعي ’سامي سڄ وڙاءُ‘ لکي، اسان تي وڏو وڙ ڪيو آهي. هي ڪتاب عظيم شاعر جي جيوني ته آهي، جيڪا حقيقتن تي ٻَڌل آهي، پر اُن ۾ روحاني رومانوي ۽ دلچسپ واقعا به شامل ٿي ويا آهن. هڪ ليکي هي هڪ سفرنامو پڻ آهي. هي ناول نه صرف شاعر جي شاعريءَ سان وابسته آهي، پر سندس جيون ڪٿا به ٻُڌائي ٿو. شخصي ڪردار کي اُڀاري ٿو. اهڙيءَ طرح جو شاهه جو جيئرو جاڳندو، نماڻو، ڳنڀير، بيحد حساس، جذباتي ۽ شاعراڻو سروپ اسان جي اکين سامهون اچي بيهي ٿو ۽ اسين هن کي پيار ڪرڻ ٿا لڳون.“
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد واري 286 صفحن وارو هي ڪتاب، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو